شانتا ڊرامو

شانتا (ڊرامو): هي بيلجيم جي ليکڪ مئٽرلنڪ جي انگريزي ناٽڪ Pelleas & Mallsene جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، منگهارام ملڪاڻيءَ 1943ع ۾ ڪيو آهي. هن ناٽڪ ۾ بي جوڙ شادين، جيڪي برابريءَ جي گهراڻن ۾ نه ٿيون ٿين يا عمر جي برابري نه هوندي آهي، يا وري والدين جي مرضيءَ سان ڪيون وينديون آهن، پر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي رضا پڇي نه ويندي آهي. جنهنڪري اڳتي هلي ڪهڙا نقصان ٿين ٿا. انهن کي ناٽڪ ذريعي عام اڳيان پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هي ناٽڪ سنڌ ۾ ڳالهائيندڙ فلمن جي اچڻ سبب گهڻو مقبول نه ٿي سگهيو. هي ناٽڪ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو